شهيد مخدوم عبدالرحمان هاشمي رح جي عرس جون تقريبون پڄاڻي تي پهتيون

news

لاڙڪاڻو: ٽي روزه شهيد مخدوم عبدالرحمان هاشمي رح جي 297 هين عرس جون تقريبون پڄاڻي تي پهتيون.

آخري ڏينهن تي تعليمي پروگرامن ۾ قرائت، نعت، چٽا ڀيٽي ۽ تقريري  مقابلن جو سلسلو جاري رهيو، شاگردن معاشري جي مختلف پهلوئن جي عڪاسي ڪندي ٽيبلوز به پيش ڪيا جنهن تي انهن کي خوب داد ڏنو ويو، جنهن ۾ سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جي شاگردن وڏي انگ ۾ حصو ورتو، ڪامياب شاگردن کي شيلڊون، ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا، آخر ۾ ملڪ جي امن، سلامتي، ترقي، خوشحالي، اخوت ڀائيچاري لاٰ خاص دعائون گهريون ويون.

انهي موقعي تي درگاهه حضرت شهيد مخدوم عبدالرحمان هاشمي رح جي سجاده نشين مخدوم نديم احمد هاشمي 11 سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جي سوين شاگردن کي خطاب ڪندي چيو ته شاگرد اسانجي مستقبل جا معمار آهن.

اسانجي شاگردن ۾ وڏو ٽئلنٽ خوبيون موجد آهن ۽ اهي ٻين قومن جي نوجوانن جيان هر چٽا ڀيٽيءَ جي امتحان ۾ پاڻ ملهائڻ ڄاڻين ٿا، هن چيو ته اسانجي عظيم بزرگن ڪامل هستين به اهو ئي درس ڏنو آهي ته دنيا جي هر امتحان ۾ پاڻ ملهائڻ جي ڪوشش ۾ پوئتي نه رهون ۽ دنيا کي ٻڌايو ته سنڌ ڪنهن به طرح تعليم جي ميدان ۾ ٻين صوبن ۽ ملڪن جي نوجوانن کان پوئتي ناهي، تعليمي پروگرام جي مختلف نشستن جي جج مينٽ ڪندڙ تعليمي اسڪالر ڊاڪٽر سيد محمد شاهه رضوي خطاب ڪندي چيو ته هيءَ سنڌ جي هڪ اهڙي درگاهه آهي جتي تعليمي سرگرميون هجن يا ديني پروگرام اهي بدستور پابنديءَ سان جاري و ساري رهندا پيا اچن.

هن چيو ته  حضرت شهيد مخدوم عبدالرحمان هاشمي رح روحانيت جو اهڙو مرڪز آهي جتي پهچي دلي سڪون ميسر ٿئي ٿو ۽ هتي جيڪي متبرڪ ۽ مبارڪ زيارتون ٿين ٿيون تنهن سان قلبي قرار ملي ٿو.

انهي موقعي تي مفتي محمد ذهين مگسي، سيد بدرالدين شاهه، امتياز احمد ميمڻ، ياسين علي تنيو، وزير علي اڄڻ، قاضي نويد ۽ ٻيا پڻ موجود هيا. جڏهن ته سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جي  ڪامياب شاگردن کي شيلڊون، ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.

آخر ۾ ملڪ جي امن، سلامتي، ترقي، خوشحالي، اخوت ڀائيچاري لاٰ خاص دعائون گهريون ويون ۽ اهڙي طرح ٽي روزه عرس جون تقريبون پنهنجي پڄاڻي تي پهتيون.