گهوٽڪي ويجهو ٽي نينگريون واهه ۾ ٻڏي ويون، هڪ فوت

news

گهوٽڪي: گهوٽڪي ويجهو لڙهي ٻڏي ويل نينگري جو رات دير سان لاش هٿ ڪيو ويو.

جنهن کي اڄ دفنايو پيو وڃي گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪرم خان ڌاريجو لڳ ڏنگڙي واھ جي آر ڊي 34 وٽان واھ ۾ مينهون وهنجاريندي شيخ برادري جون ٽي نينگريون 5 ساله  جنان ڌيءَ الهوڌايو شيخ عمر ، 6 ساله پينان ڌيءَ ڪانگل عرف رمضان شيخ ، 4 ساله گڏي ڌيءَ منصور شيخ پير ترڪڻ سبب واھ ۾ ڪري پيون.

جن مان ٻن نينگرين  کي ڳوٺاڻن بچائي ورتو جڏهن ته ٽين نينگري جو رات دير سان گڏي شيخ جو لاش ربن شاه ويجهو ڏينگڙو واه مان هٿ ڪيو ويو.