ميرپور ماٿيلو ۾ ڳوٺاڻي جو مختيارڪار ۽ تپيدار خلاف احتجاج

news

 ميرپور ماٿيلو: باگو ڊھ ويجهو ديھ ڊرنگ چاچڙ جي ڳوٺاڻي جو گهوٽڪي جي مختيارڪار ۽ تپيدار خلاف احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آهي ته مختيارڪار گهوٽڪي ۽ تپيدار رشوت عيوض منهنجي زمين جو پاس بڪ منهنجي ماٽيلي ڀاءُ کي ٺاهي ڏنو آهي ۽ هُو 8 لک روپيه لون وٺي رهيو آهي.

هن چيو ته مان جڏهن تپيدار کي روڪيو ته تپيدار مون کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هن چيو ته منهنجو ماٽيلو ڀاءُ بااثر آهي ۽ مان مسڪين ماڻهو آهيان، منهنجو ڀاءُ تپيدار کي رشوت ڏئي منهنجي زمين جو کاتو تبديل ڪرڻ چاهي ٿو.

هن چيو ته ان معاملي تي جڏهن مان گهوٽڪي مختيارڪار کي اهڙي شڪايت ڪئي ته اتي موجود تپيدار اغوا ۽ موتمار ڌمڪيون ڏنيون، مان غريب آهيان منهنجي ڪير به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هن ڊي سي گهوٽڪي ۽ ٻين وسوارن کي مدد جي اپيل ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.