وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جو ٻن ڏينهن وارو دورو مڪمل ڪرڻ بعد آمريڪا روانو ٿي ويو

news

مدينه منوره: (ڇنڇر 21 سيپٽمبر2019ع) وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جو ٻن ڏينهن وارو دورو مڪمل ڪرڻ بعد آمريڪا جي لاءِ روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي ٻن ڏينهن واري دوري ۾ سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ بچاءُ واري وزير شهزاده محمد بن سلمان سميت ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندا جنهن کان پوءِ هو اڄ صبح آمريڪا جي ستن ڏينهن جي دوري جي لاءِ روانو ٿي ويو آهي.

وزيراعظم سعود ايئر لائين جي چارٽرڊ جهاز ۾ مديني منوره کان نيويارڪ روانو ٿي ويو آهي جتي ان جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٻه ملاقاتون متوقع آهن. پهرين ملاقات 23 سيپٽمبر سومر جي ڏينهن ٿيندي جنهن ۾ به ڪشمير مسئلو ۽ خطي جي صورتحال اهم ترين نڪتو هوندو. وزيراعظم عمران خان آمريڪا جي دوري تي 27 سيپتمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو. جنهن ۾ هو ڪشمير مسئلي ۽ خطي جي صورتحال بابت آگاهي ڏيندو.

امڪان آهي ته وزيراعظم والاريل ڪشمير جي حيثيت کي غيرقانوني طور تي تبديل ڪرڻ ۽ وادي ۾ جاري ڪرفيو ۽ ظلمن جو کلي ذڪر ڪندو. پرڏيهي وزارت جي اسلام آباد مان جاري ڪيل اعلان موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ان دوران وزيراعظم مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندو ۽ ماحولياتي تبديلي، پائيدار ترقي جي اجلاسن ۾ به شرڪت ڪندو. ستن ڏينهن جي دوري ۾ وزيراعظم ماحولياتي تحفظ ۽ غربت ۾ گهٽتائي بابت سيمينار ۽ چڙ ڏياريندڙ تقرير جي خاتمي بابت مباحثي کي به خطاب ڪندو.

هوڏانهن وزيراعظم عمران جي آمريڪا واري دوري بابت گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير مليحه لوڌي چيو آهي ته وزيراعطم جو هي دورو والاريل ڪشمير جي صورتحال اجاگر ڪندو.