اڳوڻي ڊي جي پارڪس ڪراچي جا شهر کان ٻاهر ٺهيل اثاثن بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

news

ڪراچي: (ڇنڇر 21 سيپٽمبر2019ع) نيب هٿان گرفتار ٿيندڙ اڳوڻي ڊي جي پارڪس ڪراچي لياقت قائمخاني جو تعلق ضلعي سانگهڙ جي علائقي کپرو سان آهي.

ان جي اباڻي علائقي ۾ به مبينه اثاثن جي باري ۾ ڇرڪائيندڙ تفصيل سامهون آيا آهن. لياقت قائمخاني جي اباڻي علائقي کپرو جي ويجهن خانداني ذريعن دعويَ ڪئي آهي ته کپرو ۽ سنڌڙي جي علائقي ۾ لياقت قائمخاني جي 500 ايڪڙ کان وڌيڪ آباد زرعي زمين آهي.

ذريعن موجب کپرو ۾ لياقت قائمخاني جو هڪ ايڪڙ تي ٻڌل جديد سهوليتن سان آراسته سينٽرل ايئرڪنڊيشنڊ بنگلي کان علاوه برائلر مرغي جا ڪيترائي فارمز، مينهن جا وٿاڻ ۽ شهر جي وچ ۾ مارڪيٽون آهن.  ويجهن ذريعن موجب کپرو ۾ ٻن ايڪڙن تي مشتمل جڳهه تي شاندار پارڪ قائم ڪيو ويو آهي جنهن ۾ لياقت قائمخاني پنهنجي پيءُ جو عاليشان مقبرو تيار ڪرايو آهي.

ان پارڪ نما قبرستان جو ڊيزائن ڪراچي جي باغ ابن قاسم سان ملندڙ جلندڙ ٺاهيو ويو آهي. لياقت قائمخاني جو پيءُ هڪ عطائي ڊاڪٽر هو ۽ ان جي نالي تي  ميرپورخاص ۾ هڪ نجي ڪاليج به قائم آهي.