آمريڪي صدر سعودي عرب ۾ وڌيڪ فوج موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

news

واشنگٽن: (ڇنڇر 21 سيپٽمبر2019ع)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب ۾ وڌيڪ فوج موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪي بچاءُ واري وزير مارڪ ايسپر پينٽاگون ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته آمريڪي صدر سعوي عرب ۾ وڌيڪ فوج موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته وڌيڪ فوج موڪلڻ جو فيصلو آمريڪي قومي سلامتي جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو. آمريڪي بچاءُ واري وزير چيو ته آمريڪي فوجي متحده عرب امارات ۾ به مقرر ڪيا ويندا.

آمريڪي ايئر اينڊ ميزائل  ڊفينس دستا صرف  بچاءُ واريون ذميواريون نڀائيندا. هن ٻڌايو ته آمريڪا اضافي فوج موڪلڻ جو فيصلو سعودي عرب جي درخواست تي ڪيو آهي پر فوجين جي انگ ۽ هٿيارن جي نوعيت جو فيصلو اڃان باقي آهي. ٻئي طرف چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل جوزف ڊنفورڊ چيو آهي ته آمريڪا طرفان ڪيل ان فيصلي سان سعودي عرب جو هوائي  بچاءُ وارو ميزائل نظام بهتر ٿي ويندو.

هن چيو ته سعودي عرب ۾ مناسب انگ ۾ فوج موڪلينداسين جڏهن ته فوجي هزارن جي انگ ۾ نه هوندا. خيبرايجنسي موجب آمريڪي  فوجي سعودي عرب موڪلڻ جو فيصلو آئل ريفائنري تي حملي کان پوءِ ڪيو ويو. جڏهن ته آمريڪا رياض جي سلطان ايئربيس تي پيٽريات ميزائيل بچاءُ واري بيٽري لڳائي چڪو آهي جڏهن ته رياض جي سلطان ايئربيس تي 600 آمريڪي فوجي پهريان کان موجود آهن.