پاڪستان ۽ سريلنڪا ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي لاءِ ٽڪيٽن جو وڪرو شروع ٿي ويو

news

ڪراچي: (ڇنڇر 21 سيپٽمبر2019ع) پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي لاءِ ٽڪيٽن جي وڪري جي شروعات ٿي وئي آهي.

پاڪستان ۽ سريلنڪا سيريز 27 سيپٽمبر کان ڪراچي ۾ شروع ٿيندي جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي سيريز 5.7 ۽ 9 آڪٽوبر تي لاهور ۾ کيڏي ويندي. سمورن ميچن جي ٽڪيٽن جو وڪرو اڄ کان شروع ٿي ويو آهي. ڪوريئر سروس جي مخصوص شاخن تان ٽڪيٽون ملي سگهنديون.

ذريعن موجب سمورن ميچن جي لاءِ سخت سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا آهن ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ڪميٽي کان پوءِ آءِ سي سي به پاڪستان ۾ سيڪيورٽي انتظامن تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن موجب آءِ سي سي به پنهنجي آفيشلز جي مقرري جي لاءِ سيڪيورٽي جو جائزو ورتو ۽ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي لاءِ آفيشلز ئي مقرري ڪندو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته آفيشلز جي نالن جو اعلان جلد ڪيو ويندو. جنهن ۾ ميچ ريفري ۽ امپائرز به شامل هوندا.