آمريڪا پاران ايران تي وڌيڪ پابندين جو اعلان: ايران کي پندرنهن جڳهين تان نشانو بنائي سگهون ٿا: ٽرمپ

news

نيويارڪ: (ڇنڇر 21 سيپٽمبر2019ع) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي وڌيڪ پابندين جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ايران جي مرڪزي بينڪ تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن.

هن چيو ته هي ڪنهن به ملڪ تي لاڳو ڪيل سخت پابنديون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن مان چاهيان ته بيٺي بيٺي ايران کي 15 هنڌن تان نشانو بنائي سگهان ٿو.

صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته  مان اوهان جي سامهون ائين ڪري سگهان ٿو پر ان سان سڀ ختم ٿي ويندو.، پوءِ اوهان وٽ رپورٽ ڪرڻ جي لاءِ هڪ اسٽوري اچي ويندي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي حملو نه ڪرڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته مضبوط ماڻهو جي سڃاڻپ اهائي هوندي آهي ۽ جيڪا ڳالهه اوهان کي  مضبوط ثابت ڪندي آهي اها صرف اهائي آهي ته اوهان صبر جو مظاهرو ڪريو.

هن ڇيو  ته ايران جي خلاف ٻيو رستو وٺڻ نهايت ئي آسان آهي. اها ڳالهه هنن کي سٺي طريقي سان خبر آهي جيڪڏهن هنن ٻيهر شرارت ڪئي ته هو پنهنجو وقت ختم سمجهن.