ڪراچي ۾ ڊينگي تي قابو نه اچي سگهيو، وڌيڪ ٻه شهري فوت

news

ڪراچي: (ڇنڇر 21 سيپٽمبر2019ع) ڪراچي شهر ۾ ڊينگي جي ڏنگ ٻن ڄڻن جي حياتي کسي ورتي. تفصيل موجب ڊينگي بخار سبب ناظم آباد جي 2 رهواسين دم ڌڻي حوالي ڪيو.

فوت ٿيندڙن ۾ 24 ساله سونيا ۽ 22 ساله اويس شامل آهن. ريسيڪو ذريعن موجب ٻنهي ڄڻن کي گذريل رات ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.

ان فوتگين کان پوءِ  ڪراچي ۾ هلندڙ سال ڊينگي بخار سبب فوت ٿيندڙن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو آهي.

ٻئي طرف هلندڙ سال ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ پنجاهه هزار کان وڌيڪ ماڻهو مليريا بخار ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن.