نيب هٿان گرفتار لياقت قائمخاني جو ٻن ڏينهن جو راهداري رمانڊ منظور

news

راولپنڊي: (ڇنڇر 21 سيپٽمبر2019ع)  راولپنڊي جي احتساب عدالت جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي ڊي جي پارڪس لياقت قائمخاني جو ٻن ڏينهن جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ورتو آهي.

مني لانڊرنگ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي ڊي جي پارڪس سنڌ لياقت قائمخاني کي نيب اختيارين راولپنڊي جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو. جج پرويز اسماعيل جوئيه آڏو لياقت قائمخاني کي پيش ڪرڻ دوران سيڪيورٽي اهلڪارن صحافين کي عدالتي احاطي مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، جڏهن ته نيب طرفان سندس رمانڊ جي درخواست ڪئي وئي.

عدالت لياقت قائمخاني جو ٻن ڏينهن جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ورتو ۽ کيس 23 سيپٽمبر تي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. واضح رهي ته اڳوڻي ڊي جي پارڪس سنڌ لياقت قائم خاني جي ڪراچي واري محل نِما گهر ۾ ڇاپي دوران لگزري گاڏيون، سونا زيور، هيرن جا هار، بانڊز ۽ ٻيو قيمتي سامان هٿ ڪيو ويون، جِن جي ماليت اربين رُپين ۾ ٻڌائي وئي آهي.

واضح رهي ته لياقت قائمخاني جي گهر جا دروازا ريموٽ ڪنٽرول سان کلندا آهن. باٿ روم 60 گز رقبي تي مشتمل آهي. نيب موجب هڪ تجوڙي کي کولڻ اڃان باقي آهي. نيب اختيارين موجب لياقت قائمخاني 20 سالن ۾ 71 پارڪ صرف ڪاغذن ۾ ٺاهيا، حقيقت ۾ ڪوبه پارڪ ناهي ٺاهيو ويو. پارڪس ۾ جعلي ڪم ڪرائڻ جي لاءِ جعلي ڪمپنيون ٺاهيون ويون.