خورشيد شاهه پهرين آڪٽوبر تائين جسماني ريمانڊ تي نيب حوالي

news

سکر: (ڇنڇر 21 سيپٽمبر2019ع) احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه کي 9 ڏينهن جي ريمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.

خورشيد شاهه کي سکر جي احتساب عدالت جي جج امير علي مهيسر  آڏو پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا جڏهن ته خورشيد شاهه جا حمايتي ۽ پارٽي ڪارڪن به وڏي انگ ۾ موجود هئا. ٻڌڻي دوران نيب طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته خورشيد شاهه  انڪوائري ۾ نيب سان سهڪار نه ڪري رهيو هو، ان ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو، جوابدار کان جاچ لاءِ 15 ڏينهن جو ريمانڊ ڏنو وڃي.

خورشيد شاهه جي وڪيل طرفان لاڳاپيل قانوني ڪاغذن جي طلبي تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ڪاغذ گڏ ناهن آندا آفيس ۾ موجود آهن، جنهن تي جج ريمارڪس ڏنا ته ڪاغذن کان سواءِ  15 ڏينهن جو ريمانڊ نٿو ڏئي سگھان، نيب سمورا ڪاغذ پيش ڪري، دستاويز پيش ٿيڻ ۽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ عدالت خورشيد شاهه کي 9 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.

عدالت حڪم ڏنو ته خورشيد شاهه کي پهرين اڪٽوبر تي ٻيهر پيش ڪيو وڃي، ان کان سواءِ عدالت نيب کي چيو ته خورشيد شاهه کي قيد ۾ طبي سهولتون، گھر جو کاڌو گھرائڻ ۽ گھر ڀاتين سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي.