عالمي تڪرار حل ڪرڻ لاءِ سفارتڪاري ۽ ڳالهين تي انحصار ڪرڻو پوندو: بلاول ڀٽو

news

اسلام آباد: پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جو چوڻ آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم عالمي امن جي خواب جي تعبير مڪمل ٿيڻ جي اڳيان رڪاوٽ بڻيل آهن.

عالمي برادري مسئلي کان منهن ڦيرڻ جي متحمل نه ٿي سگهي. عالمي سطح تي تڪرار جي حل لاءِ سفارتڪاري ۽ ڊائيلاگ تي انحصار ڪرڻو پوندو.

امن جي عالمي ڏينهن تي پيغام ڏيندي هن چيو ته عالمي برادري دنيا ۾ پائيدار امن جي خواب کي حقيقت بڻائڻ جي لاءِ ڪشمير مسئلو حل ڪرائي.