مدئجي ۾ سيپڪو رتوديرو پاران سيپڪو چيف جي هدايتن تي کلي ڪچهري لڳائي وئي

news

مدئجي: مدئجي ۾ سيپڪو رتوديرو پاران بجلي صارفين جي مسئلن جي حل لاءِ ايريگيشن آفيس ۾ کلي ڪچهري لڳائي وئي جنهن ۾ ڊي ڊي ٽي اشفاق احمد قريشي،ايس ڊي او رحيم بخش تنيو،مقصود احمد دايو ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي،کلي ڪچهري دوران سوين بجلي صارفين پهچي اوور ريڊنگ،ڊڊڪشن بلن سميت شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا،کلي ڪچهري دوران سيپڪو عملدارن بجلي صارفين جي شڪايتن جو بروقت نوٽيس وٺندي اوور ريڊنگ بلن توڙي ڊڊڪشن بلنگ وارين شڪايتن کي ختم ڪري سوين بجلي صارفين تي لڳل ڏنڊ ختم ڪرڻ بعد درست بل ٺاهي ڏنا.

جڏهن ته بجلي شڪايتن بابت شڪايتن تي هنگامي بنيادن تي هڪ ٽيم ٺاهي وئي جنهن کي بجلي صارفين جا ٻه ڏينهن اندر مسئلا حل رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي،ان موقعي تي رابطو ڪرڻ تي صحافين سان ڳالهائيندي ايگزيڪيوٽو انجنيئر مشتاق علي بڙدي چيوته سيپڪو چيف سعيد احمد ڏاوچ جي هدايتن تي بجلي صارفين جي مسئلن کي فوري طور حل ڪرڻ لاءِ کلي ڪچهري لڳائي صارفين جا بجلي بابت مسئلا ٻڌا جن کي فوري طور حل ڪندي هڪ سئو کان مٿي بجلي صارفين جي بلن ۾ ٿيل اوور ريڊنگ ۽ ڊدڪشن بلن جي رقم موقعي تي ڪٽي درست بل ٺاهي ڏنا آهن.

باقي بجلي جي سپلاءِ واري شڪايتن جي حل لاءِ هڪ ٽيم ٺاهي آهي جيڪا ٻن ڏينهن اندر مسئلا حل ڪري رپورٽ ڏيندي،هن چيوته بجلي چوري ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي،هن وڌيڪ چيوته شهرين کي گهرجي ته بجلي چوري ڪرڻ بدران نوان ڪنيڪشن لڳرائين،جلد بجلي چورن توڙي باقيدار صارفين خلاف وڏي پئماني تي آپريشن ڪيو ويندو،جنهن دوران بجلي چورن کي قانوني پڪڙ ۾ آندو ويندو،هوڏانهن سيپڪو عملدارن پاران بلن ۾ درستگي ڪري ڏيڻ بعد بجلي صارفين پاران لکين روپين جي بروقت ادائگيون ڪيو ويون.

ان موقعي تي ايل ايس بابرڀٽو،نويد  جوکيو،عبدالرزاق،وحيد ميراڻي ۽ ٻيا سيپڪو عملدار پڻ موجود هئا.