والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو برقرار، ڀارتي فوج جو گهر تي حملو، ٻه ڄڻا گرفتار

news

سرينگر: والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي پابندين جو اڄ 48هون ڏينهن آهي. ڀارتي فوج ڪپواڙا ۾ گهرن ۾ گهڙي ٽوڙ ڦور ڪئي ۽ ٻن ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.

ڪشميري پنهنجن گهرن ۾ ئي محدود ٿي ويا آهن. ڀارتي فوج ڪپواڙا ۾ گهر تي حملو ڪري ڏنو ۽ سامان جي ٽوڙ ڦور ڪئي. پلواما ۾ 2 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.

والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ تي ڪرفيو نافذ آهي. چپي چپي تي ڀارتي فوج مقرر ٿيل آهي. ماڻهن کي گهرن مان نڪرڻ تي تشدد جو نشانو بڻايو ٿو وڃي.

انٽرنيٽ، موبائل سروس به بند آهي. سڀئي حريت ۽ سياسي اڳواڻن کي گهرن ۽ جيلن ۾ نظر بند ۽ قيد ڪيو ويو آهي.