ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جو پاسپورٽ ضبط

news

ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي حڪم تي ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جو پاسپورٽ ضبط ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر عاصم جي خلاف دهشتگردن کي علاج جي سهولتون فراهم ڪرڻ متعلق ڪيس جي ٻڌڻي ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي.

عدالت ڪراچي جي ميئر وسيم اختر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته توهان ڪراچي جا ميئر آهيو پر شهر جي لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو.

عدالت وسيم اختر کي پاسپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي رمارڪس ڏنا ته توهان کي پاسپورٽ آفيشل وزٽ جي لاءِ واپس ڏنو ويو هو. جيڪڏهن آفيشل وزٽ نه پيا ڪريو ته پاسپورٽ واپس جمع ڪرايو.

عدالت جي حڪم تي وسيم اختر پاسپورٽ اي ٽي سي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو.