سکر ۾ اينٽي ڪرپشن ڪاميٽي جو اجلاس ڪمشنر شفيق احمد مهيسر جي صدارت ۾ ٿي گذريو

news

سکر: سکرجي اينٽي ڪرپشن ڪاميٽي-II جو اجلاس چيئرمين/ڪمشنر شفيق احمد مهيسر جي صدارت هيٺ سندس آفيس جي ڪانفرنس روم ۾ ٿيو، جنهن دوران اينٽي ڪرپشن کاتي 7 کاتن جا 48 ڪرپشن ڪيس پيش ڪيا. جن مان 16  جو  فيصلو ٻڌايو ويو. چيئرمين اينٽي ڪرپشن ڪاميٽي/ڪمشنر شفيق احمد مهيسر خوراڪ کاتي جي عملدار فوڊ انسپيڪٽر درمحمد سروهي خلاف ڪڻڪ جي بارداني جي 75 هزار 782 ٻورين ۾ گهوٻيون هڻي سرڪاري خزاني کي 15 ڪروڙ 67 لک 52 هزار 53 رپين جو نقصان پهچائڻ جي الزام هيٺ ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

مٿس ڪڻڪ خريداري ۾ غبن ڪري سرڪاري خزاني کي نقصان پهچائڻ جو الزام هنيو ويو آهي. ڪميٽي پوليس کاتي جي 5 ڪرپشن ڪيسن مان 3 ڪيس ڪورٽن ۾ هئڻ سبب التوا رکڻ، هڪ ڪيس ۾ کاتيوار ڪارروائي ۽ ٻئي ڪيس کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. تعليمي بورڊ سکر جي هڪ ڪيس ۾ ٻيهر جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، آبپاشي کاتي جي هڪ ڪيس کي بند ڪيو ويو. اينٽي ڪرپشن ڪميٽي-II سکر پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جو هڪ ڪيس ڪلوز ڪرڻ ۽ ٻئي ڪيس جو ٽيڪنيڪل جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي.

اهڙي ريت صحت کاتي جي هڪ ڪيس کاتيوار ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو. اِن کان ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن سکر منير احمد کهڙو ڪمشنر سکر ڊويزن/چيئرمين اينٽي ڪرپشن ڪميٽي-II کي مختلف ڪيسن بابت تفصيلي آگاهي ڏني. ان موقعي تي ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن کي هدايت ڪئي ته اسپورٽس ڪامپليڪس سکر جي تعميراتي ڪم جو معيار چڪاس ڪيو وڃي ۽ ٺيڪيدار کي سڏائي ڪم جي معيار کي يقيني بڻائڻ جو پابند بڻايو وڃي.