حيدرآباد ۾ سنڌو نواز گهانگهرو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ٻين جي اڳواڻي شاگرد يونين جي بحالي لاءِ ريلي، شاگردن جي شرڪت

news

حيدرآباد:  سنڌ جي شاگردن، آمريت جي دور ۾ شاگرد يونين تي مڙهيل بندش هٽائي شاگردن کي سندن آئيني ۽ جهموري حق ڏيڻ جي گُهر ڪندي چيو آهي ته جمهوريت جون دعويدار سياسي پارٽيون اقتدار ۾ اچڻ باوجود غير جمهوري دور ۾ شاگرد يونين تي مڙهيل بندش کي ختم نه ڪري سگهيون ۽ هنن اها بندش برقرار رکي، اڄ جو شاگرد ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهيل آهي.

شاگرد يونين تي بندش سبب سماج جي مختلف مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ نوجوان پيدا نٿا ٿين، تعليمي ماحول انتهائي خراب ٿيل آهي، هاسٽلن جي صورتحال ڏکوئيندڙ آهي، ٽرانسپورٽ جو نظام تباهه ٿيل آهي، تعليمي ادارن مان شاگردياڻين جا لاش ملي رهيا آهن. ڪالهه يوٿ ايڪشن ڪميٽي پاران شاگرد يونين جي بحالي لاءِ سنڌ ميوزيم کان حيدر چوڪ تائين پيادل ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي قاسم آباد جي پونم پيٽرول پمپ، راڻي باغ، شهباز بلڊنگ، اسٽيٽ بينڪ، گل سينٽر ۽ ايس ايس پي آفيس کان ٿيندي حيدر چوڪ تي پهتي جتي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي، ريلي ۾ شريڪ شاگردن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا ۽ هو شاگرد يونين تي بندش خلاف سخت نعريبازي ڪندا رهيا.

ان موقعي تي يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي سربراهه سنڌو نواز گهانگهرو خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ شاگرد يونين تي بندش 7 ڏهاڪن تي مشتمل آهي، آمر ضياءَ الحق سواءِ انسان جي ساهه کڻڻ جي سمورين يونين تي بندش وڌي هئي، جنهن ۾ شاگرد يونين به شامل هئي، آهستي آهستي ٻين سمورين يونين تان بندش ختم ٿيندي وئي، سياست تان بندش لٿي، اليڪشن جا مرحلا طئه ٿيڻ لڳا، پر شاگرد يونين تي اڄ ڏينهن تائين بندش پيل آهي، جمهوري حڪومتن به شاگرد يونين تي بندش برقرار رکي، گهڻي عرصي تائين شاگرد يونين تي بندش سبب شاگردن جا ڪيترائي مسئلا پيدا ٿي ويا آهن، شروعاتي سالن ۾ شاگرد يونين نه هجڻ ڪري شاگردن جا پاڻ ۾ جهيڙا ٿيندا هئا، جنهن ۾ ڪيتريون ئي زندگيون ضايع ٿي ويون. هن چيو ته اسان وٽ ڪجهه سرڪاري تجزيا نگار ۽ استاد شاگرد يونين ۽ سياست تي پابندي جي حمايت ڪندي جنرل ضياءُ الحق جي فيصلي کي درست قرار ڏئي هٿ ٺوڪيا دليل ڏيندا چوندا رهيا ته شاگرد سياست تعليمي ادارن ۾ پرامن ماحول کي خراب ڪندي تشدد کي هٿي ڏيندي، پر ڇا شاگرد يونين تي بندش کانپوءِ به تعليمي ادارن ۾ تشدد کي روڪيو ويو؟، پر ان سوال جو جواب هنن وٽ ناهي. هن چيو ته شاگرد يونين جي نه هجڻ ڪري اڄ ڏينهن تائين شاگردن کي يونيورسٽين ۾ بهتر تعليمي ماحول ميسر ناهي، هاسٽلن کان وٺي لائيبريرين تائين رڳو مسئلا ئي مسئلا آهن. هن چيو ته شاگردن يونين نه هجڻ ڪري فقط شاگرد مسئلن تي ور چڙهيل آهن، پر خاص طور تي شاگردياڻين کي جنسي طور هراسان ڪيو وڃي ٿو، ان جو مثال نوابشاهه جي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي فرزانه جمالي، ڊاڪٽر نمرتا ۽ نائلا رند جي موت جهڙا واقعا آهن. هن چيو ته اسان جنهن مهل شاگرد يونين جي بحالي جي گُهر ڪئي ۽ سنڌ جي هر تعليمي اداري ڏانهن ويندي هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن سان ملي راءِ عامه جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڄڻ اسان ڪنهن ککر جي ماناري ۾ سروٽو هڻي ڪڍيو هجي.

چوڌاري ڀون ڀون شروع ٿي وئي، پر اسان کين دعائون ڏيندي اهو چئون ٿا ته توهان 30 کان 40 سال ڪٿي هئا ۽ شاگرد يونين جي بحالي لاءِ ڪا وڏي جدوجهد ڇو نه ڪري سگهيا. هن چيو ته شاگرد يونين تي بندش هجڻ ڪري سماج جي مختلف مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ نوجوان پيدا نٿا ٿين، پر نوجوان جي صورت ۾ هڪ مشين ۽ نوڪر تيار ڪري سماج کي ڏنو وڃي ٿو. هن شاگردن يونين جي بحالي واري جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ جو وچن ڪندي چيو ته هن جدوجهد کي اڌ ۾ نه ڇڏينداسين، هن سلسلي کي مستقل جدوجهد ۾ بدلائي شاگرد يونين جي بحاليءَ تائين اڳتي وڌندا رهنداسين، ٻئي مرحلي ۾ قانوني ۽ آئيني رستو اختيار ڪرڻ سان گڏ ملڪ جي سمورين يونيورسٽين جي شاگرد اڳواڻن سان صلاح مشورا ڪري جدوجهد جو رستو اختيار ڪنداسين.

شاگرد اڳواڻ فراز چولياڻي چيو ته جمهوريت جون دعويدار پارٽيون اقتدار ۾ اچڻ باوجود شاگردن کي سندن آئيني ۽ جمهوري حق نه ڏئي سگهيون آهن، هڪ آمر جي لڳايل پابندي کي 35 ورهين کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. ڊي ايس ايف جي صدر ثاقب ڊومڪي چيو ته شاگردن يونين نه هجڻ ڪري اسان اڄ ڊاڪٽر نمرتا جو لاش کنيو آهي، نمرتا جو لاش ان ڪري اسان کي مليو آهي ته يونيورسٽي انتظاميا شاگردن جي ڪا به ڳالهه ٻڌڻ جي لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته شاگرد يونين نه هجڻ ڪري شاگرد پنهنجن حقن جي ڳالهه نٿا ڪري سگهن، شاگرد يونين جي بحالي تائين هي جدوجهد جاري رهندي.

سنڌي شاگرد تنظيم جي صدر عادل چانڊيو، پرديپ ڪمار، سرمن بروهي، فراز اوڍو، سهيل ڀٽو، حمز علي چانڊيو، محبوب جتوئي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن اڄ جي شاگرد کي پنهنجي ڌرتي ۽ مظلوم طبقن جي ڄاڻ هجڻ گهرجي، هڪ شاگرد کي سياسي شعور، فهم ۽ پنهنجن حقن بابت مڪمل معلومات هجڻ گهرجي، دنيا جي هر سياسي تحريڪ ۽ انقلاب ۾ شاگرد جو سياسي ڪردار هر اول دستي جي حيثيت رکي ٿو، ڇو ته شاگرد يونين سياست جون نرسريون هونديون آهن. جڏهن ته ريلي کي شاگرد اڳواڻن کانسواءِ ڪنهن به سياسي ۽ سماجي اڳواڻ خطاب نه ڪيو، پر هو يڪجهتي طور شريڪ ٿيا، مختلف قومپرست ۽ سياسي جماعتن جي شاگرد تنظيمن جي اڳواڻن پاران خطاب ڪيا ويا ۽ شاگرد شاگرد يونين جي بحالي لاءِ ۽ شاگردياڻين جي پرسرار موت وارن واقعن خلاف نعربيازي ڪندا رهيا، ريلي ختم ٿيڻ کانپوءِ واپس موٽندي به شاگرد نعربيازي ڪندي روانا ٿيا، يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ سورهيه سنڌي، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي اڳواڻ سوڀ قمر ڀٽي، سسئي لوهار، شيرين کوکر، دودو ديشي ۽ ٻين يڪجهتي طور شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي عوام آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي هنن چيو ته شاگردن جي طاقتور آواز کي دٻائڻ جي لاءِ شاگرد يونين تي بندش برقرار رکي وئي آهي، حڪمران شاگردن جي آواز کان ڊنل آهن. هنن چيو ته جيڪڏهن اڄ شاگرد يونين بحال هجي ها ته نائلا رند ۽ ڊاڪٽر نمرتا جي موت وارا دل ڏکوئيندڙ واقعا پيش نه اچن ها، تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين کي هراسان نه ڪيو وڃي ها. هنن مطالبو ڪيو ته شاگرد يونين تان فوري طور تي پابندي هٽائي وڃي ته جيئن شاگردن کي بليڪ ميل ٿيڻ کان بچائي سگهجي، حيدرآباد ۾ شاگرد يونين جي بحالي لاء هزارين شاگردن ريلي ڪڍي حيدر چؤڪ تي ڌرنو هنيو، سماجي اڳوان سنڌو نواز گهانگرو ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي.  حمزا خان چانڊيو. دودو ديشي ۽ ٻين جي اڳواڻي م قاسم آباد کان سوين شاگردن شاگردياڻين ريلي ڪڍي شاگرد يونين جي بحالي لاء سخت نعريبازي ڪئي.

  ان موقعي تي اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ضياء جي دور م ليبر يونين.  هاري يونين استاد يونينن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي هاڻ اهي سموريون يونينون هلن پيو پر شاگرد يونين تي پابندي برقرار آهي.  هنن چيو ته تعليمي ادارن م شاگرد سياست ۽ شاگرد يونينون نه هجڻ ڪري ڊاڪتر نمرتا ۽ نائلا رند جون زندگيون ختم ٿي ويون آهن.  اڳواڻن گهر ڪئي ته سنڌ جي تعليمي ادارن مان شاگرد يونين تان پابندي هٽائي وڄي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.