وزيراعظم عمران خان آمريڪا پهچي ويو

news

نيويارڪ: وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي ٻن ڏينهن جي ڪامياب دوري کانپوءِ آمريڪا پهچي ويو آهي.

رپورٽ موجب وزيراعظم سعودي ايئر لائن جي خصوصي اڏام ذريعي آمريڪا پهتو. آمريڪي دوري ۾ هو آمريڪي صدر سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن سان اهم ملاقاتون ڪندو.

دوري جو محور والاريل ڪشمير جي صورتحال کي اجاڳر ڪرڻ آهي. وزيراعظم 27 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو. جتي هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي بدترين پائمالي کان آگاهه ڪندو.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان وزيراعظم عمران خان جي ملاقات 23 سيپٽمبر تي ٿيندي. عمران خان ترڪ صدر سان به ملاقات ڪندو.