سڪرنڊ پوليس جون منشيات خلاف ڪارروايون، ٻه عورتون گرفتار

news

سڪرنڊ: سڪرنڊ شهر جي  مهراڻ ڪالوني ۽ خانزاده پاڙي ۾ سڪرنڊ پوليس جا ڇاپا ٻه عورتون منشيات سميت گرفتار ڪيون ويون.

ايس ايڇ او سڪرنڊ امام الدين مارفاڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته  ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد تنوير حسين تنيو جي هدايتن تي ضلعي ۾ وڌندڙ منشيات جي واهپي ۽ وڪري خلاف ڪاراوئي ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته تعلقي سڪرنڊ جي مختلف ڳوٺن ۽ شهر ۾ الڳ الڳ دڪانن ۽ مانڊڻين تي پڻ ڇاپا هڻي هزارين مين پڙيون ۽ سوپاريون زيڊ ايڪيھ هٿ ڪري دڪاندارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سنڌ کي منشيات کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ڪاروائي ڪري رهيا آهيون ٻن عورتن مسمات گوري ۽ مسمات گلناز رند کي گرفتار ڪري مٿن منشيات ايڪٽ تحت ايف آئي آر داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون.