ڏوڪري ڀرسان گرلس پرائمري اسڪول ٻه سالن کان بند پيل، معصوم نياڻيون تعليم جهڙي زيور کان محروم

news

ڏوڪري: ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ پير بخش بروهي جو گرلس پرائمري اسڪول 2 سالن کان بند آھي جڏھن ته اسڪول بند هجڻ سبب نياڻين جي تعليم تباه ٿي وئي آھي جڏھن ته اسڪول بند هجڻ سبب ڳوٺ جون نياڻيون پري پري پنڌ ڪري ٻن اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاء ڀرپاسي جي ڳوٺن ڏانهن تعليم پرائڻ تي مجبور آھن.

جڏھن ته اسڪول ۾ پڙھائيندڙ 2 ٽيچرس بدلي ڪرائي هليون ويون آھن،جڏھن ته اسڪول ۾ ڏوڪري جي جج 2 دفعا گرلس پرائمري اسڪول ۾ ڇاپو هنيو آھي تنهن باوجود اسڪول ۾ تعليم کاتي پاران نياڻين کي تعليم ڏيڻ لاء ڪنهن به ٽيچرس کي اسڪول ۾ مقرر نه ڪيو ويو آھي.هوڏانهن اسڪول جو پٽيوالو عطا محمد منگي ميڊيا کي ٻڌايو ته مان روزانو اسڪول ايندو آھيان .

هن چيو ته مان اسڪول جي صفائي سٿرائي ڪري اسڪول جي ڊيوٽي جو ٽائيم پورو ڪري واپس گهر هليو ويندو آھيان،هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسڪول بند ٿيڻ کي 2 سال گذري ويا آھن پر تعليم کاتي جي لاپرواهي جي ڪري اسڪول ۾ ڪنهن به ٽيچر کي مقرر نه ڪيو ويو آھي جڏھن ته تعليم کاتي جي اعلئ آفيسرن اسڪول کي کولڻ ڪنهن ضروري نه سمجهيو آھي هن چيو ته اسڪول ۾ 2 ٽيچرس مقرر هيون پر اهي ٽيچرس بايو ميٽرڪ کاتي جي آفيسرن کي پئسه ڏئي هو پنهنجو بايو ميٽرڪ تبديل ڪرائي هو ٻين اسڪولن ۾ ڊيوٽيون ڪن ٿيون.

هن چيو ته اسڪول بند هجڻ ۽ ٽيچرس جو نه اچڻ جي ڪري اسڪول ۾ ڪو به ٽڪي جو ڪم ناهي ڪرايو ويو هن چيو ته خبر ناهي ته اهي پئسه ڪٿي خرچ ڪيا وڃن ٿا هن چيو ته اسڪول ۾ سڀ سسٽم ڊانواڊول لڳو پيو آھي.هن پ پ چئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاه تعليم جو وزير نوٽيس وٺي اسڪول ۾ ٽيچر مقرر ڪري معصوم نياڻين جي تعليم بچائي وڃي.