پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو مولانا فضل الرحمان سان ملاقات لاءِ وقت گهري ورتو

news

اسلام آباد: پاڪستان پيپلزپارٽي جو جي يو آءِ (ف) سان رابطو ٿيو آهي. بلاول ڀٽو مولانا فضل الرحمان سان ملاقات لا وقت گهري ورتو آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو مولانا فضل الرحمان سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. ان ضمن ۾ پ پ اڳواڻن جي يو آءِ جي اعليٰ قيادت سان رابطو ڪيو.

پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان مصروف آهي ۽ اسلام آباد کا ٻاهر آهي. جيئن ئي واپس ايندو ته پ پ قيادت کي آگاهه ڪيو ويندو.