ٽنڊو ڄام مان ٻن ٻارن جي ماءُ ڇهه ڏينهن کان پراسرار نموني گم، ماءُ ۽ ڀاءُ جو احتجاج

news

ٽنڊوڄام : ٽنڊوڄام جي علائقي اسٽيشن روڊ جي رهواسڻ ٻن ٻارن جي ماءُ 22 سالا ناظمه زال غلام کٽي جو گذريل ڇهن ڏينهن کان پر اسرار طور گم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

ناري جي ماءُ مسمات زرينه پنهنجي پٽ بلال رند سان گڏ ٽنڊوڄام پريس ڪلب تي احتجاج ڪندي ۽ صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته ڇهن ڏينهن کان منهنجي ڌيءُ ناظمه پر اسرار طور گم ڪئي ويئي آهي، جنهن جو ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو آهي.

هن چيو ته پوليس ۾ شڪايت داخل ڪرائي آهي مسلسل چئن ڏينهن کان ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون پر پوليس ٻڌڻ لاء ئي تيار ناهي. هن چيو ته منهنجي ڌيءُ جي ڇهه سال اڳ شادي ٿي هئي، ۽ ڪيترائي ڀيرا ساهرا ۽ سندس مڙس تشدد جو نشانو بڻائي رات جو دير سان گهران ڪڍندا رهيا آهن ۽ قتل جون ڌمڪيون به ڏيندا رهيا آهن۔

هن شڪ ظاهر ڪندي چيو ته  منهنجي ڌيءُ کي سندس ساهرن قتل ڪري ڪٿي پوري ڇڏيو آهي. هن گهر ڪئي ته سندس ڌيءُ کي ڳولي ساڻس انصاف ڪيو وڃي.