پاڪستان ۾ حفاظتي ٽڪا نه لڳرائڻ سبب سالانه ٻه لک ٻارڙا موت جو شڪار ٿي رهيا آهن: رپورٽ

news

ڪراچي: (آچر 22 سيپٽمبر2019ع) پاڪستان پيڊيا ٽرڪس ايسوسي ايشن جي هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ حفاظتي ٽڪا نه لڳرائڻ سبب سالانه 2 لک ٻارڙا موت جو شڪار ٿي رهيا آهن.

نمونيا سبب 90 هزار، ڊائيريا سبب 55 هزار ٻارڙا جڏهن ته ٽائيفائيڊ، تپ، دق ۽ خسري سميت ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي 60 هزار ٻارڙا سالانه فوت ٿي رهيا آهن.

ماهرن موجب ان بيمارين سان ٻارن جي موت تي حفاظتي ويڪسين لڳرائي گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. اي پي آءِ اختيارين موجب سنڌ ۾ حفاظتي ويڪسين لڳرائڻ سبب شرح ۾ 2 سال جي دوران خاص بهتري آئي آهي ۽ ان جو تناسب 90 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي. جيڪو 2017 ۾ 45 سيڪڙو هو. دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ ٻارن جي 10 موذي بيمارين کي 95 سيڪڙو حفاظتي ٽڪا(ويڪسين) جي ذريعي ختم ڪيو ويو آهي. پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ مختلف سببن جي ڪري ويڪسينيشن جي گڏيل شرح 60 سيڪڙو آهي.

پاڪستان ۾ اي پي آءِ ٻارن ۾ 10 موذي بيمارين جي مفت ويڪسينيشن  مهيا ڪري رهيا آهن پر  بدقسمتي سان والدين توجه نه ڏيڻ شعور ۽ آگاهي جي بنا حفاظتي ويڪسين لڳرائڻ جي شرح ۾ گهٽتائي محسوس ڪئي وئي.

قومي اداره اطفال جي سربراهه پروفيسر جمال رضا جي موجب ٻارن ۾ نمونيا سان ٿيندڙ 99 سيڪڙو فوتگين جو تعلق ترقي يافته ملڪن سان آهي. انهن جو چوڻ هو ته ڀارت، چين، انڊونيشيا، بنگلاديش ۽ پاڪستان ان ملڪن ۾ شامل آهي جتي نمونيا سبب فوتگين جي شرح سڀني کان وڌيڪ آهي.  سموري دنيا ۾ سالانه 9 لک کان وڌيڪ فوتگيون نمونيا سبب ٿيون آهن.