ڪراچي: (آچر 22 سيپٽمبر2019ع) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گرمي وڌڻ کان پوءِ مختلف قسمن جي جيتن جو آزار وڌي ويو آهي. مذڪوره جيت رهواسين جي ڪنن ۽ نڪ ۾ اندر وڃڻ کان پوءِ چڪ هڻن ٿا جنهن سبب رهواسي مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن.
ماحولياتي ماهرن ٻڌايو آهي ته ڪراچي ۾ ڪن ۽ نڪ ۾ اندر وڃڻ کان پوءِ جيت جي چڪ هڻڻ سبب رهوسي آزار هيٺ آهن ۽ هو مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن ماهرن موجب جيت وڌڻ جو سبب برسات يا گرمي پد ٿي سگهي ٿو.
ماهرن موجب هي جيت مکين جي هڪ قسم آهي جيڪي ٻين شهرن مان هتي آيا آهن. ان کان علاوه ماهرن چيو آهي ته جيتن جي اچڻ جو سبب اتر ۽ مشرقي عرب سمنڊ ۾ سائيڪلون ٿي سگهي ٿي ڇو ته عرب سمنڊ ۾ بنجندڙ ڊپريشن هوائن جو رخ تبديل ڪيو آهي. جڏهن ته هوائن جي تبديلي سبب ڪراچي سميت حيدرآباد ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اهي جيت آيا آهن.
ماحولياتي ماهرن موجب آڪٽوبر ۾ اهي جيت وچ اوڀر ۽ آفريڪا جي طرف سفر ڪندا آهن. ان حوالي سان ماهرن خبردار ڪندي چيو آهي ته جيتن جي چڪ هڻڻ جي صورت ۾ الرجي به ٿي سگهي ٿي.