سموري ملڪ ۾ ڊينگي جي ڏهه هزار مريضن جي تصديق ٿي چڪي آهي: ڊاڪٽر ظفر مرزا

news

اسلام آباد: (آچر 22 سيپٽمبر2019ع) وزيراعظم جي صحت بابت خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته سموري ملڪ ۾ ڊينگي جي 10 هزار مريضن جي تصديق ٿي چڪي آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته سموري ملڪ ۾ 10 هزار ڊينگي جي مريضن جي تصديق ٿي چڪي آهي. پنجاب ۾ ڊينگي جا 2363، سنڌ 2258 جڏهن ته ڪي پي ڪي ۾ 1514 مريض آهن. پنجاب ۾ 70 سيڪڙو ڊينگي مريضن جو تعلق پوٽوهار سان آهي.

ايندڙ ڏينهن ۾ ڊينگي مريضن جي انگ ۾ اضافي  جو امڪان آهي. ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته ڊينگي جي صورتحال تي مڪمل نظر آهي. حڪومت ڊينگي جي روڪٿام جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اسلام آباد ۾ ڊينگي ڪنٽرول اينڊ آپريشن سينٽر بنايو ويو آهي جڏهن ته صوبا به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

ڊينگي جي وڌندڙن ڪيسن سبب نجي اسپتالن سان به رابطو ڪيو آهي.  هن چيو ته ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون ڊينگي جي معاملي تي سياست ڪري رهيون آهن. ڊينگي جي مسئلي کي سياسي پارٽيون فٽبال نه بنائين.