نيو سعيد آباد ۾ انجيڪشن جي ري ايڪشن ٿيڻ سبب نينگر فوت، ڊاڪٽر گرفتار

news

نيوسعيدآباد: شھر۾ قائم مبينا عطائي ڊاڪٽرجي ڪلينڪ ۾ انجيڪشن جي ري ايڪشن ۾ ڳوٺ عبدالواحد ٻرڙا جي رھواسي پورھيت راڻو خاصخيلي جو ڏهن ورهين جونينگر دلشير خاصخيلي  تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.

نينگرکي سندس ماءُ تيز بخار ۽ سھڪ جي بيماري سبب نجي ڪلينڪ ۾ وٺي وئي جتي نينگر کي ڊاڪٽر پاران انجيڪشن ھنئي وئي جنھن بعد نينگرفوت ٿي ويو.

نينگر جي فوت ٿيڻ تي سندس والده بيھوش ٿي وئي، اطلاع ملڻ تي پوليس پھچي فوتي نينگر جي لاش کي سرڪاري اسپتال پھچايو، جتي ضروري ڪاروائي ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيوويو، جڏھن ته پوليس مبينا عطائي ڊاڪٽر محمد شريف ميمڻ کي گرفتارڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو.