ايم ڪيو ايم پاڪستان جو وفد ڊي ڌام گهوٽڪي پهتو، هندو برادري سان ملاقات

news

گهوٽڪي:22  سيپٽمبر 2019ع، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو وفد گهوٽڪي پهچي هندو برادري سان ملاقات ڪري گهوٽڪي واقعي بابت ڄاڻ ورتي , ايم ڪيو ايم پاڪستان جو وفد ايم پي اي سنجي پارواڻي , اڳوڻي ايم پي اي ديوان چند چاولا زونل انچارج نعيم خان ۽ شميم ڀائي جي اڳواڻي ۾ ايس ايس ڊي ڌام گهوٽڪي پهتو.

جتي وفد هندو برادري سان ملاقات ڪئي , ان موقعي ته ايم پي اي سنجي پارواڻي , ديوان چند چاولا ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گهوٽڪي واقعو پاڪستان خلاف هڪ وڏي سازش هئي , هن واقعي جي جيتري مزمت ڪجي اها ٿوري آهي.

ايم ڪيو ايم پاڪستان هميشه هندو برادري سان ڀرپور ساٿ نڀايو آهي , گهوٽڪي واقعو هڪ پلانگ تحت ٿيو , جنهن ۾ ڀارت جا ايجنٽ ملوث ٿي سگهن ٿا , هنن چيو ته هي واقعو ڪشمير تان ڌهان  هٽائڻ جي هڪ ڪڙي ٿي سگهي ٿي.

هنن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته گهوٽڪي واقعي جي صاف ۽ شفاف جاچ ٿيڻ کپي , ملوث ماڻهن کي ئي سزا ملڻ کپي