گهوٽڪي ۾ ام رباب هندو برادري سان ملاقات، گهوٽڪي واقعو افسوس جوڳو عمل آهي: ام رباب

news

گهوٽڪي: ام رباب گهوٽڪي پهچي هندو برادري سان ملاقات ڪئي, ام رباب پنهنجي قافلي سان گڏ ايس ايس ڊي ڌام گهوٽڪي پهچي هندو برادري سان ملاقات ڪري گهوٽڪي واقعي جي ڄاڻ ورتي , ان موقعي ته ام رباب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گهوٽڪي واقعو افسوس جوڳو عمل آهي.

اسلام اسان کي امن جو درس ڏيئي ٿو , اسان کي گهرجي ته امن ۽ محبت جي فضا قائم ڪيون , هن چيو ته اهڙي واقعي ۾ جيڪي به شرپسند ملوث آهن انهن کي سزا ملڻ ڪري , هن چيو ته هر مذهب سان واستو رکندڙ ماڻهون پنهنجي عبادت گاهن ۾ عبادت ڪري سگهي ٿو , هن چيو سنڌ اندر انصاف ملڻ تمام ڏکيو آهي ,  مان انصاف لاء 17 مهينن کان دربدر آهيان پر انصاف ناهي ملي سگهيون , سنڌ حڪومت صرف هر واقعي جو نوٽيس وٺي خاموش ٿي ويندي آهي.

هن چيو ته نمرتا سنڌ جي بهادر نياڻي هئي , جنهن جو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي , سنڌ حڪومت مان نمرتا جي خون جي انصاف جي اميد ناهي , مان چيف جسٽس ۽ وزير اعظم پاڪستان کي اپيل ٿي ڪيان ته گهوٽڪي واقعي سميت سنڌ جي نياڻي نمرتا جي قتل جو نوٽيس وٺي کيس خون سان انصاف ڪيو وڃي , ان موقعي ته ام رباب سان اسد مير چاچڙ , ڊاڪٽر مهتاب سومرو , آغا نادر پٺاڻ , نثار احمد خواجا ۽ ٻيا پڻ گڏ هوا , جڏهن ته بعد ۾ ام رباب چانڊيو نمرتا جي تڏي تي ميرپورماٿيلو رواني ٿي وئي .