دبئي: (سومر 23 سيپٽمبر2019ع) قومي ٽيم جي اڳوڻي رانديگر شاهد خان آفريدي کي لاهور قلندرز جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
اڳوڻي آل رائونڊر دبئي ۾ ٿيندڙ ٽي 10 ليگ ۾ لاهور قلندر جي ڪپتاني ڪندو. ان حوالي سان صحافين سان ڳالهائيندي لاهور قلندر جي مالڪ شاهد خان چيو ته لاهور قلندر پهريون ڀيرو ٽي 10 ليگ ۾ شرڪت ڪري رهي آهي جنهن جي تمام گهڻي خوشي آهي. هن چيو ته شاهد آفريدي ڪرڪيٽ جي دنيا جو وڏو نالو آهي جنهن جي لاهور قلندرز ۾ شموليت تي تمام گهڻو خوش آهيان.
هوڏانهن صحافين سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته جڏهن کان مان ٻڌو آهي ته ٽي 10 ليگ هن ڀيري ابو ظهبي ۾ کيڏي پئي وڃي تڏهن کان مان تمام گهڻو خوش آهيان. هن تورنامينٽ جو مقصد مداحن کي تفريح فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته ٽي 10 هڪ الگ نوعيت جي ڪرڪيٽ آهي جنهن ۾ رانديگرن کي پهرين بال کان وٺي بهترين راند کيڏڻي پوندي آهي.
ٽي 10 ليگ جو ٽيون ايڊيشن شيخ زيد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ابو ظهبي ۾ کيڌيو ويندو جنهن جون تياريون عروج تي آهن. ياد رهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيت ڪائونسل(آءِ سي سي) ٽي 10 ليگ کي قانوني ليگ جي حيثيت ڏئي ڇڏي آهي.
آءِ سي سي چيف رچرڊسن چيو آهي ته ٽي 10 ليگ جي سٺي يا خراب هجڻ جو فيصلو امارات ڪرڪيٽ بورڊ تي ڇڏڻُ آهي. جيڪڏهن هو ان کي بهتر سمجهن ٿا ته اسان ان جي رستي ۾ رڪاوٽ نه بڻجنداسين.