ٽنڊو ڄام پوليس جي منشيات فروشن خلاف ڪارروائي، ٽي ڄڻا گرفتار

news

ٽنڊوڄام : ٽنڊوڄام پوليس ايس ايڇ او منظور جمالي جي اڳواڻي ۾ منشيات فروشن خلاف ڪاروائي ڪندي، ٽن ڄڻن صابر گوپانگ، اعجاز گوپانگ ۽ نظر محمد گوپانگ کي گرفتار ڪري کائن 600 تيار ٿيل مين پڙيون هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي. 

پوليس گرفتار ڪيل ٽنهي ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.