آزاد ڪشمير، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ زلزلي جا لوڏا جاني ۽ مالي نقصان جو امڪان

news

اسلام آباد: (اڱارو 24 سيپٽمبر2019ع)  پنجاب ۽ ڪي پي ڪي سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا  لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن جنهن سبب وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان جو  امڪان آهي.

رپورٽ موجب آزاد ڪشمير سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن جنهن سبب ذريعن موجب 50 ماڻهو زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. 4 لڳي 2 منٽن تي وفاقي راڄڌاني اسلام آباد سوڌو پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي سبب آزاد ڪشمير جي علائقي ميرپور ۾ شديد تباهي جا اطلاع آهن.

زلزلو ماپيندڙن مرڪز موجب زلزلي جي شدت 5.8 رڪارڊ ڪئي وئي ۽ ان جو مرڪز جهلم کان 5 ڪلوميٽر اتر طرف هو جڏهن ته گھرائي 9 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. پنجاب ۾ خوشاب، سرگوڌا، فيصل آباد، گوجرانوالا، ميانوالي، منڊي بهائوالدين، ملتان، اوڪاڙا، قصور، خانيوال، گجرات، ڪامونڪي، مريدڪي، شيخوپورا، ننڪانا صاحت، ساهيوال، پتوڪي، چونيان، پاڪپتن، ديپالپور، حجره شاهه مقيم، نارنگ مندي ۽ سيالڪوٽ ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن جڏهن ته ميرپور آزاد ڪشمير، ڀمڀر ۾ به لوڏا محسوس ڪيا ويا.

ان کان سواءِ خيبرپختونخواهه ۾ پشاور، چارسده، سوات، خيبر، ايبٽ آباد، باجوڙ، نوشهرا، مانسهرا، بٽ گرام، شآنگلا، بونير، دير، اپردير، لوئر، چترال، مالاڪنڊ ۽ ڪوهستان ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي جا لوڏا 15 کان 20 سيڪنڊ تائين محسوس ڪيا ويا پر ان جي نتيجي ۾ فوري طور تي ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا. زلزلي سبب ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو ۽ ماڻهو گھرن کان ٻاهر نڪري آيا.