گمبٽ ۾ ٻہ ناريون هٿيارن جي زور تي اغوا، وارثن جو احتجاج

news

گمبٽ: 24 سيپٽمبر 2019ع، گمبٽ باءِ پاس احمد خان گوپانگ ڳـوٺ ۾ غلام قادر ڪوري جي گھر ۾ 15 ھٿياربند گھر ۾ گھڙي عورتن ۽ مردن تي تشدد ڪري 25 سالا ثمينا ۽ 12 سالا مرڪ کـي اغوا ڪري ويـا ـ جنهن خلاف 20 عورتن قرآن پـاڪ کڻي پـريـس ڪـلـب گـمبٽ اڳيـان احتـجـاج ڪيـو.

جنھن ۾ مردن پـڻ وڏي تعداد ۾ ڏنڊن سـان احتجـاج ۾ شـامل ٿـي پريـس آڏو ٽائر سـاڙي احتجـاج ڪيـو  احتجـاج ڪندڙن ۾ محـمد صالح ـ اڪرم ـ لطيف پنجل ـ غلام نبي محـمد عيسا  ۽ ٻيـا شامل هئا.

احتجاج ڪندڙن جـو چـوڻ ھـو ته  ھٿياربند اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري اسان تي تشدد ڪري اسان جون عـورتـون سروھـي برادري جا ماڻھـو اغوا ڪري ويا آھن، اسان سان انصاف ڪري تحفظ ڏياريو وڃي.