ٽنڊو ڄام پوليس جي منشيات خلاف آپريشن، ٻه ڄڻا گرفتار

news

ٽنڊوڄام: 24 سيپٽمبر 2019ع، عوامي شڪايتن تي ايس ايس پي حيدرآباد جي هدايتن تي ٽنڊوڄام پوليس منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف وٺ پڪڙ جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي.

ٽنڊوڄام پوليس ايس ايڇ او ٽنڊوڄام منظور جمالي جي اڳواڻي ۾ پوليس پارٽي مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي، زهريلو ڪچو شراب وڪرو ڪندڙ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان وڏي مقدار ۾ زهريلو ڪچو شراب هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.

گرفتار ڪيلن ۾ ذوالفقار لنڊ ۽ رجب چانڊيو شامل آهن. جن خلاف ٽنڊوڄام ٿاڻي تي منشيات وڪرو ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته ايس ايڇ او ٽنڊوڄام جو چوڻ آهي ته مين پڙي، گهٽڪو، ڪچي شراب سميت ڪنهن به قسم جي منشيات وڪرو ڪرڻ جي ڪنهن به اجازت نه ڏني ويندي ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن جي مدد ڪندڙ ۽ ڊيوٽي ۾ غفلت ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف به سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.