بدين ۾ سماجي تنظيم پاران بدين جيم خانه ۾ “ پاڪستان ۾ سستي دوا گهرجي” جي عنوان سان سيمينار

news

بدين(رپورٽر) بدين ۾ ماھرن مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاڪستان ۾ فوري انساني قيمتي حياتين کي بچائڻ وارين دوائن جي قيمتن جي وڌندڙ رجحان کي ھاڃيڪار قرار ڏيئي ڇڏيو، ھڪ سماجي تنظيم پاران بدين جيم خانـه ۾ منعقد عوامي فورم بعنوان ”پاڪستان ۾ سستي دوا گھرجي“ کي خطاب ڪندي سماجي ماھرن ڊاڪٽر ظھور عباسي , ڊاڪٽر ڪوثر منڌرو , ايڊوڪيٽ فياض ابڙو, سينيئر صحافي ۽ بدين پريس ڪلب جي صدر تنوير احمد آرئين عمران عباس خواجـه مڪل شاھ خادم ٽالپر ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو تـ زندگي لاء ضروري دوائن جي قيمتن تي حڪومت کي فوري ضابطو آڻڻ گھرجي  ھنن چيو تـ دوائن جي قيمتن جو وڌڻ ناقابل برداشت ۽ ناقابل قبول آھي ھنن چيو تـ حڪومت عوام کان ٽيڪس تـه وصول ڪري ٿي پر ظلم اھو آھي تـ سستي اگھن تي زندگي کي بچائڻ لاء دوائون بـ ميسر ناھن  جنھنجو مثال ملڪ ۾ وڌندڙ موت جو تناسب آھي سماجي ماھرن چيو تـه دوائن جي قيمتن جي ھيراڦيري ۾ ھڪ سگھاري مافيا ملوث آھي جنھن تي ڪنٽرول ڪرڻ حڪومت جي اولين ذميداري آھي جنھن سان ئي عوام مان بي چيني ختم ڪري سگھجي ٿو ۔

عوامي فورم کي خطاب ڪندي ھنن چيو تـ دوائن جي اگھن ۽ معيار بابت عوام کي آگاھي ڏيئي جدوجھد جي دائري ۾ آني سگھجي ٿو جيئن ڪي خاص نتيجا حاصل ڪري سگھجن انھي کان پھرين حسين جروار چيف ايگزيٽو آفيسر انڊس ڪنسورشيم سستي دوائن جي حاصلات لاءِ ھلايل ڪيمپين بابت ڄاڻ ڏيندي چيو تـ اسان ھن ڪيمپين جي ملڪ جي گادي واري شھر اسلام آباد کان شروعات ڪندي پنجاب صوبي جي مختلف شھرن کان ٿيندي اڄ بدين پھتا آھيون ھتي ماڻھن کي دوائن جي وڌندڙ اگھن بابت سجاگي ڏسي محسوس ٿئي ٿو تـ منزل ويجھو آھي ھن چيو تـ دوائن جي اگھن وڌڻ سان ماڻهو متاثر ٿيا آهن انھن کي صحيح معنى ۾ معياري دوائون نٿيون ملن جيڪو حڪومت جي پھرين ذميواري آھي  انھي موقعي تي مھمان خاص سيد غلام مھدي شاھ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنروَن چيو تـ ملڪ ۾ وڌندڙ دوائون جي اگھن تي فوري ضابطو آڻڻ لاء حڪومت جوڳا قدم کڻي پئي پر اڃان بـ ان تي بھتر منصوبابندي ڪرڻ جي ضرورت آھي ھن چيو تـ ھي عوام جو آواز اميد تـ تبديلي جو اھڃاڻ بنبو۔