پوليو مهم دوران ڪوتاهي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي: ڪمشنر ميرپورخاص

news

ميرپورخاص: (اربع 25 سيپٽمبر 2019ع) ڪشمنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو کان بچاءُ بابت مهم ۾ ڪوتاهي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

عبدالوحيد شيخ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته پوليو مهم جا بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ خاص ٽريننگ ڪرائي ويندي. انڪار ڪندڙ والدين کي مطمئن ڪري ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا. ايندڙ مهم ۾ ورڪرن جي پرفارمنس چيڪ ڪئي ويندي جڏهن ته خراب ڪارڪردگي تي ويڪسينيٽرن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ سميت ان جا الائونس به بند ڪيا ويندا.

هن چيو ته اوطاق ۾ ڦڙا پيارڻ جي سسٽم کي بند ڪيو وڃي صرف گهر گهر وڃي ٻارن کي ڦڙا پياريا وڃن. بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ سوشل موبلائيزيشن کي اپنايو وڃي، روزاني  اميونائزيشن جي غلطين تي غور ڪري ان کي درست ڪيو وڃي ۽ ڏوراهين علائقن تائين  پهچڻ جي لاءِ مڪمل پلان ٺاهيو وڃي. ويڪسينٽرن کي پهچائڻ جا هر ممڪن قدم کنيا ويندا.