سموري سنڌ ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابندي جو اعلان

news

ڪراچي: (اربع 25 سيپٽمبر 2019ع) سنڌ صوبي ۾ پهرين آڪٽوبر کان پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي  پابندي هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي ماحوليات ۽ قانون جي صلاحڪار ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پهرين آڪٽوبر کان بائيوڊي گريڊيبل پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي سموري سنڌ ۾ مڪمل طور تي بند ڪيون وينديون.

هن چيو ته صوبي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پلاسٽڪ جون ٿيلهيون تيار ڪرڻ وارن تي پابندي جي حمايت ڪئي آهي. خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي  ڪرڻ کان علاوه ڏنڊ به لاڳو ڪيا ويندا.