گهوٽڪي جي عدالت ٻن ڀائرن کي ڀيڻ جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڦاهي جي سزا ٻڌائي

news

گهوٽڪي: 25 سيپٽمبر 2019ع گهوٽڪي جي عدالت ملڪيت جي تڪرار تان سڳي ڀيڻ کي قتل ڪندڙ ٻن ڀائرن کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي ، ڄاڻايل ڪيس ۾ مقتوله جي ڌي مامن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرايو هو عدالت 10 جوابدارن کي الزامن کان آجو قرار ڏيئي ڇڏيو .

خبر مطابق ته ماڊل ڪرمنل ڪورٽ ۾ عورت زبيده پٺاڻ جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

جنهن دوران پوليس جوابدارن کي پيش ڪيو. عدالت ٻڌڻي بعد فيصلو ڏنو ۽ عورت جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن رياض الله پٺاڻ ۽ صبغت الله پٺاڻ کي ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

جڏهن ته کين 5 لک رُپيا ڏنڊ جي به سزا ڏني وئي آهي.عدالت ڪيس ۾ نامزد 10 جوابدارن قدرت الله، عصمت الله، رفيع الله، سعيد الله، فريد، عبيدالله، عطاءُ الله، زاهد، امان الله ۽ حفيظ الله پٺاڻ کي الزامن کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو.

واضح رهي ته گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ سال 2012ع ۾ ملڪيت تڪرار عورت زبيده پٺاڻ کي قتل ڪيو ويو هو. اهڙو ڪيس 12 جوابدارن خلاف داخل ٿيو.