اومني گروپ جي پنگريو شگر مل جا سيڪيورٽي انتظام زرداري هائوس مان موڪليل عملي سنڀالي ورتا

news

بدين: 25 سيپٽمبر 2019ع بدين ضلع جي تاريخي ڳوٺ خليفو قاسم لڳ اومني گروپ جي پنگريو شگر مل تي 50 کان وڌيڪ هٿياربندن فجر مهل 5 وڳي ڌاري ڪاهه ڪري اتي موجود سيڪيورٽي گارڊن ۽ ٽنڊوباگو ٿاڻي جي پوليس کي يرغمال ڪري مل تي قبضو ڪري سيڪيوريٽي جا انتظام پاڻ سنڀالي ورتا آهن.

واقعي جي خبر جهنگ جي باهه جيان سڄي ضلعي ۾ پکيڙجي ويئي جنهن بعد ايس ايڇ او نواز سرائي ۽ اومني گروپ جي آفيسر مل تي پهچي ويا ۽ اتي پهتل هٿياربند سيڪيوريٽي عملي سان ڳالهيون ڪيو جن کين ٻڌايو ته اهي زرداري هائوس جي حڪم تي هتي آيا آهن ۽ مل جي سيڪيوريٽي پاڻ سنڀالي ورتي آهي جنهن بعد زرداري هائوس سان رابطو ڪيو ويو جن پڻ نئين سيڪيوريٽي اسٽاف متعلق تصديق ڪئي.

جنهن کان پوءِ ٽنڊوباگو پوليس ۽ اومني گروپ جا آفيسر پنگريو شگر مل تان واپس هليا ويا هن موقعي تي ٽنڊوباگو پنگريو کوسڪي ۽ بدين کان صحافي پنگريو شگر مل تي صورتحال معلوم ڪرڻ جي لاءِ پهتا ته مبينا طور سيڪيوريٽي جا انتظام سنڀاليندڙ صحافين کي موقف ڏيڻ ۽ سندن فوٽو ڪڍڻ کان روڪي ڇڏيو.

صحافين جي اسرار کان پوءِ هنن ٻڌايو ته هو زرداري هائوس جي حڪم تي هتي آيا آهن ۽ سيڪيوريٽي جا انتظام سنڀالي ورتا آهن هنن چيو ته گھڻي وقت کان شگر مل مان سامان چوري ٿي رهيو هو ۽ ٻيا به مل ۾ مسئلا هئا جنهن ڪري اهو قدم کنيو آهي ياد رهي ته پنگريو شگر مل 1986 ۾ ايسٽ پاڪستان جي اڳوڻي سيڪريٽري مظفر سومرو ٺهرائي هئي.

1994 ۾ آصف علي زرداري خريد ڪئي جنهن جا انتظام مرزا گروپ سنڀاليندو هو اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا ۽ آصف علي زرداري ۾ اختلافن کان پوءِ پنگريو شگر مل جي چئن سالن کان ڪريشنگ بند آهي جڏهن ته مرزا گروپ طرفان پنگريو شگر مل جي نيلامي ۽ اومني گروپ حوالي ڪرڻ خلاف عدالت ۾ ڪيس پڻ هلندڙ آهي.

اومني گروپ جي نيب هٿان گرفتار سي اي او انور مجيد ۽ آصف علي زرداري ۾ مبينا طور اختلافن جا پڻ اطلاع آهن جنهن بعد پنگريو شگر مل تي ويٺل اومني گروپ جي سيڪيوريٽي گارڊن کي هٽائي زرداري گروپ جي هٿيار بند سيڪيوريٽي گارڊن کي آندو ويو آهي.