گوگل پاران ڪوانٽم ڪمپيوٽر ٺاهڻ جي دعويٰ

news

نيويارڪ: خميس26سيپٽمبر2019ع: سرچ انجڻ ۽ ٻيون سهولتون مهيا ڪندڙ دنيا جي سڀ کان وڏي ڪمپني گوگل ڪوانٽم ڪمپيوٽر ٺاهڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي، ڪجهه بيانن موجب گوگل ان ڪمپيوٽر سان اهڙا بائنري انگ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪي حقيقي طور تي اٽڪل آهن.

گوگل موجب ڪوانٽم ڪمپيوٽر اهي ڪاٿا به انجام ڏنا آهن جيڪي هينئر تائين ڪنهن به طاقتور ترين سپر ڪمپيوٽر مان ممڪن هو، اهڙي طرح گوگل ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ ۾ گوءِ حاصل ڪري ورتي آهي.

سچ ثابت ٿيڻ جي ضورت ۾ اها هڪ وڏي خبر اهي، ان سان هٿرادو ذهانت، صنعت، پيداوار ۽ تحقيق ۾ هڪ نئون انقلاب اچي ويندو، اهو ئي سبب آهي جو گوگل، آءِ بي ايم، انٽيل ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڪمپنيون ڪوانٽم ڪمپيوٽر ٺاهڻ جي ڊوڙ ۾ شامل آهن.

جيتوڻيڪ گوگل جي اها دعويٰ ڪجهه مبهم ڏسڻ ۾ اچي ٿي ڇو ته ان جو تحقيقي مقابلو گذريل هفتي ناسا جي هڪ سرور تي جاري ڪيو ويو پر فوري طور تي ئي ان تان هٽايو به ويو، ڪجهه ادارن ان کي افواهه قرار ڏنو آهي پر حيرت جوڳي طور تي گ وگل ان جي ثابتين ۽ نفي ۾ هينئر تائين ڪجهه نه چيو آهي.

نيو سائنٽسٽ نالي رسالي جي ادارتي ٽيم ان مقالي کي ڏٺو آهي ته جنهن ۾ ڪوانٽم ڪمپيوٽر کي سائيڪا مور جو نالو ڏنو ويو آهي، ان ۾ 54 عدد سپر ڪمپيوٽنگ ڪوانٽم بٽس يا ڪيوبنس اهن پر ان اهم ترين ايجاد بابت مقالي ۾ هڪ ئي شخص کي ليکڪ طور ٻڌايو ويو آهي جنهن جو نالو جان مارٽينس آهي جيڪو يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا سانتا باربرا ۾ پڙهائيندا آهن، اهو صاحب گوگل جي تعاون سان ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ جا هارڊويئر تيار ڪرڻ جو ماهر آهي.