ٻارن کي کير پياريندڙ اڍائي هزار سال پراڻيون بوتلون هٿ

news

برلن: جمعو27سيپٽمبر2019ع: سائنسدانن اڍائي هزار سال اڳ ٻارن کي کير پيارڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ بوتلون هٿ ڪيون آهن.

ميڊيا رپورٽ موجب اهي بوتلون جرمني جي رياست باوريا جي هڪ قبرستان مان 3 ٻارن جي قبرن امن مليون آهن جن جي عمر هڪ سال جي لڳ ڀڳ هوندي ۽ سائنسي تجزئي کانپوءِ ثابت ٿيو آهي ته مٽي ۽ پتل سان ٺهيل انهن بوتلن ۾ ڳئون يا ٻڪري  جو کير وڌو ويندو رهيو آهي.

ان دور ۾ خاندان جي ماڻهن کي گڏ دفنائڻ جو رواج هو، مقبري ۾ ٻارن جي باقيات سان گڏ بعد ۾ دفنايو ويل هڪ ٻئي فرد جي باقيات به موجود آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته کير واريون ايتريون پراڻيون بوتلون ملڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته يورپي ۾ ڪيترائي هزار سال اڳ به بارن کي بوتل مان کير پيارڻ جو رواج هو.