اڻڄاتل شخص لائبريري مان حاصل ڪيل ڪتاب پنجويهن سالن کانپوءِ واپس ڪري ڇڏيو

news

سڊني: جمعو27سيپٽمبر2019ع: آسٽريليا جي هڪ اڻڄاتل پڙهندڙ 25 سال اڳ سڊني جي ويوري ڪائونسل لائبريري مان هڪ ڪتاب جاري ڪرايو هو جيڪو هن ڪجهه ڏينهن اڳ ئي هڪ معذرتي نوٽ سان واپس موٽائي ڇڏيو آهي.

تفصيل موجب ڪجهه ڏينهن اڳ ويوري ڪائونسل لائبريري طرفان هڪ ٽوئيٽ ڪئي وئي جنهن ۾ ڪنهن اڻڄاتل لائبريري ميمبر جي لکيل معذرتي نوٽ جو عڪس پڻ شامل هو (پر نالو لڪايو ويو هو).

معذرتي نوٽ ۾ اڻڄاتل پڙهندڙ لکيو هو ته هن 1994ع ۾ فلسفي جو هڪ ڪتاب (رچرڊ اوسبورن جي فلاسافي فاربگنرز) لائبريري مان جاري ڪرائي هئي جيڪو هو ڪجهه ذاتي مسئلن سبب واپس نه ڪري سگهيو، پنهنجي ان حرڪت تي معذرت ڪندي هن اهو ڪتاب لائبريري کي واپس موڪلي ڇڏي آهي ته جيئن فلسفي جو ڪو ٻيو شوقين ان مان فائدو کڻي سگهي.

لائبريري انتظاميه جو چوڻ آهي ته مقرر تاريخ تي ڪتاب واپس نه ڪرڻ تي هر روز جي حساب سان ٿورو ٿورو ڏنڊ هنيو ويندو آهي ۽ ان هڪ ڪتاب تي سال جو ڏنڊ 1820.27 آسٽريلوي ڊالر ( هڪ لک 92 هزار پاڪستاني روپيا) ٺهندا ٿا جنهن کي لائبريري انتظاميه معاف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.