ڪراچي ۾ برسات پوڻ کان پوءِ ميچ ملتوي ٿيڻ سبب ڪرڪيٽ جا شوقين مايوس ٿي ويا

news

ڪراچي: (ڇنڇر 28 سيپٽمبر2019ع) 10 سالن کان انٽرنيشنل ڪرڪيت جو انتظار ڪندڙ ڪرڪيٽ جي شوقينن پاڪ سريلنڪا ميچ برسات سبب ملتوي ٿيڻ جي ڪري افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

سخت برسات جي باوجود نيشنل اسٽيڊيم پهچندڙ ڪرڪيٽ جي شوقينن جو چوڻ آهي ته اسان کي اميد هئي ته شايد ڪجهه وقت ئي ميچ ڏسڻ جو موقعو ملي وڃي. پر ائين نه ٿي سگهيو.

قدرت جي معاملن ۾ ڪوبه مداخلت نٿو ڪري سگهي.  وري ٻئي ڏينهن ميچ مان مزو وٺڻ جو موقعو نه وڃائينداسين. ميچ جي لاءِ ڪراچي جا رهواسي سريلنڪا جون ڪيتريون ئي عورتون نيشنل اسٽيڊيم پهتيون. جڏهن ته ڪرڪيٽ جو شوق رکندڙ هڪ سريلنڪا جي شهري به پاڪستان جو رخ ڪيو آهي.

چاچا ڪرڪيٽ تماشائين جي توجه جو مرڪز بڻيل رهيو ۽ مداحن سان گڏ سيليفون به ڪڍرائيندو رهيو. هن چيو ته تماشائي تمام گهڻي جوش سان اسٽيڊيم ۾ آيا پر ميچ نه ٿيڻ سبب انهن کي سخت مايوسي ٿي. اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ميچ ۾ هڪ جذبي سان گڏ اسٽيڊيم جو رخ ڪنداسين.