اسلام آباد: (ڇنڇر 28 سيپٽمبر2019ع) چانورن جو پاڻي اسان جي جِلد جي لاءِ تمام گهڻو فائديمند هوندو آهي ۽ پراڻي وقت کان وٺي ماڻهو هن کي استعمال ڪندا آيا آهن. جڏهن ته جِلد جي ماهرن به چانورن جي اٽي ۽ پاڻي کي جلد جي لاءِ موثر قرار ڏنو ويو آهي.
جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جي جلد به خوبصورت، ۽ چمڪدار نظر اچي ته اچو اسان اوهان کي ٻڌايون ته چانورن جو تيار ڪيل اهڙو فيس ماسڪ جنهن کي لڳائڻ سان اوهان جي جلد به تازي ٿي ويندي. چانورن جو ماسڪ تيار ڪرڻ جي لاءِ هڪ وڏو چمچو چانورن جو پائوڊر کڻو، پوءِ ان ۾ هڪ وڏو چمچو بيصڻ، ۽ ٿوري هيڊ وجهي ڇڏيو.
ان سمورين شين کي گڏ ڪرڻ کان پوءِ ان ۾ کير يا عرق گلاب وجهي پنهنجي چهري تي هلڪي هٿ سان مساج ڪريو. مساج ڪرڻ کان پوءِ ان کي پنهنجي چهري تي 15 کان 20 منٽن تائين لڳل رهڻ ڏيو. جڏهن ماسڪ خشڪ ٿي وڃي ته ان کي ڌوئي وٺو. ائين ڪرڻ سان چهرو تازو ٿي ويندو ۽ جلد به ملائم ٿي ويندي.