چمن ڌماڪي ۾ جي يو آءِ اڳواڻ مولانا حنيف سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا

news

چمن: چمن ۾ تاج روڊ تي ٿيندڙ ڌماڪي ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ مولانا حنيف سميت 3 ڄڻا مارجي ويا. پوليس موجب ڌماڪا خيز مواد موٽرسائيڪل ۾ نصب هو. جيڪو مولانا محمد حنيف جي آفيس جي ٻاهر بيٺل هئي.

مولانا محمد حنيف جي آفيس کان ٻاهر نڪرندي ئي ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ مولانا محمد حنيف سميت 8 ماڻهو زخمي ٿي پيا. جن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

مولانا محمد حنيف کي زخمي حالت ۾ ڪوئيٽا منتقل ڪيو پئي ويو ته هو زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو.

مولانا محمد حنيف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل هو.

پوليس موجب ڌماڪو ايتري قدر شديد هو جو ڪيترن ئي گاڏين جا شيشا ٽٽي ويا ۽ هڪ گاڏي ۾ باهه به لڳي وئي.

ٻئي طرف جي يو آءِ (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان پارٽي اڳواڻ مولانا محمد حنيف جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو.

هن جو چوڻ هو ته چمن ۾ بم ڌماڪي جي شديد مذمت ڪريون ٿا. مولانا محمد حنيف جي شهادت جو دلي افسوس ٿيو آهي. هو مخلص اڳواڻ هو.

هن چيو ته هي واقعو ملڪ ۾ امن جي خلاف گهري سازش آهي.