سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ، اميدوارن جا انٽرويو وٺڻ کان اڳ ئي اي ايس آءِ پوسٽن جا نتيجا پڌرا

news

ڪراچي: ڇنڇر28سيپٽمبر2019ع: مسڪين ۽ اهل ماڻهن لاءِ ميرٽ جو ادارو سمجهيو ويندڙ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن به ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي، ڪجهه وقت اڳ سپريم ڪورٽ جي سخت حڪمن باوجود سنڌ سرڪار اداري ۾ بهتري آڻڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي چڪي آهي۔

جنهن جو مثال تازو ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ جي اي ايس آءِ پوسٽ لاءِ لکت ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کان انٽرويو وٺڻ کانسواءِ اداري جي ميمبرن ملي ڀڳت ڪري من پسندن جا نالا فائنل ڪري ويب سائيٽ تي اپلوڊ به ڪري ڇڏيا، جنهن کانپوءِ ٽيسٽ پاس ڪندڙ ڪيترائي اميدوار مايوس ٿي ويا، اميدوارن پاران سمرين ناز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري انتظاميه خلاف نعريبازي ڪئي وئي۔

ان موقعي تي سمرين ناز ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن رات جي پيٽ ۾ نتيجا تبديل ڪري من پسند اميدوارن جا نالا فائنل ڪيا آهن، جيڪو سراسر ظلم آهي، ٽيسٽ پاس ڪرڻ کانپوءِ نه ڪو انٽرويو ليٽر آيو نه وري ڪو ويب سائيٽ تي اهڙو ڪو مٽيريل رکيو ويو جنهن مان خبر پئجي سگهي، مظاهرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته اداري ۾ ويٺل ميمبر اهل اميدوارن سان ويڌن ڪري رهيا آهن، کين هٽائي ميرٽ تي اهل ماڻهن کي اداري ۾ مقرر ڪيو وڃي، مظاهرين چيف جسٽس پاڪستان، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، وڏي وزير ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جي اڻڌري جاچ ڪرائي حقدارن کي حق ڏياريو وڃي.