چين ۾ ڪوچ ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر: ڇٽيهه ڄڻا فوت، پنجٽيهه زخمي

news

بيجنگ: (آچر 29 سيپٽمبر2019ع) چين ۾ ڪوچ ۽ ٽرڪ جي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 36 ڄڻا فوت ۽ 35 زخمي ٿي پيا آهن. ريسڪيو اهلڪارن لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

صوبي جينگ سو ۾ حادثي جو شڪار ٿيندڙ ڪوچ ۾ 70 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا. اختيارين موجب حادثو بس جو اڳيون ٽائر کلي وڃڻ سبب پيش آيو آهي.

جنهن سبب ڪوچ سامهون ايندڙ تيز رفتار ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي. امدادي ڪارڪنن فوتين ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

بس ۾ عورتون ۽ بار به سوار هئا. جڏهن ته هاءِ وي کي اٺن ڪلاڪن کان پوءِ کوليو ويو آهي.