چمن ڌماڪي ۾ مارجي ويل مولانا حنيف جي تدفين ڪئي وئي

news

چمن: (آچر 29 سيپٽمبر2019ع) چمن ۾ جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي مرڪزي اڳواڻ مولانا محمد حنيف جي جنازي جي نماز ملت آباد ۾ ادا ڪئي وئي.

جنازي جي نماز ۾ سياستدانن، عسڪري اختيارين ۽ ڪارڪنن سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. جنازي نماز ۾ جي يو آءِ(ف) جي صوبائي امير مولانا عبدالواسع، پختونخواهه  جي صوبائي صدر ۽ سينيٽر عثمان ڪاڪڙ، بلوچستان اسيمبلي ۾ اي اين پي جي پارلياماني اڳواڻ اصغر خان اچڪزئي، اڳوڻي صوبائي وزير رحيم زيارت وال، ڪمانڊنٽ ايف سي ڪرنل خرم جاويد، ڊپٽي ڪمشنر بشير احمد بڙيچ سميت جمعيت علماءِ اسلام جي هزارين ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

مولانا حنيف جي جنازي نماز ان جي وڏي پٽ حافظ محمد قاسم پڙهائي. جنازي واري نماز جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.

مولانا حنيف جي تدفين ان جي اباڻي علائقي ملت آباد جي قبرستان ۾ ڪئي وئي. ٻئي طرف مولانا حنيف جي شهادت  خلاف بلوچستان جي شهرن ۾ شٽربند هڙتال ڪئي پئي وڃي.