ٽنڊو ڄام ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر، ٽن عورتن سميت ست ڄڻا زخمي

news

ٽنڊوڄام: آچر 29 سيپٽمبر 2019ع، حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي ٽيڪنيڪل ڪاليج وٽ ٽريڪٽر ٽرالي ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر، ٽن عورتن سميت ست ڄڻا زخمي. اسپتال منتقل.

خبر موجب حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي ٽيڪنيڪل ڪاليج وٽ ٽريڪٽر ٽرالي ۽ سوزڪي پڪ اپ ۾ ٽڪر ٿي پيو.

ٽڪر جي نتيجي  شعيب سومرو، يوسف سومرو، مسمات فاطمه، مسمات جميلا، لطيفان, محمد بخش سخت زخمي ٿي پيا. جن کي طبي امداد لاءِ رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو.

جتي ٽن ڄڻن جي حالت نازڪ هجڻ سبب کين سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.