ٽنڊو محمد خان ۾ پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن پاران سوشل ميڍيا ڪنوينشن، ضلعي عهديدارن ۽ ورڪرن جي شرڪت

news

ٽنڊو محمد خان: آچر 29 سيپٽمبر 2019ع پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ بيبي آصفه ڀٽو صاحبه جي هدايتن تي پ پ سنڌ جي ذيلي تنظيمن جي ٽن عهديدارن تي مشتمل اڳواڻن ٽنڊو محمد خان ۾ پهچي، پارٽي جي ضلعي قيادت ۽ پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن جي ضلعي عهديدارن ۽ ورڪرن جي سوشل ميڍيا ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي،

ضلعي سطح تي سوشل ميڍيا گروپ کي سرگرم ڪرڻ ۽ ان سلسلي ۾ تنظيم سازي ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون، ان سلسلي ۾ بيبي آصفه ڀٽو جي هدايتن تي سنڌ سطح تي مقرر ڪيل سوشل ميڍيا ٽيم جي ميمبرن پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري تيمور مهر، سپاف سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري شهريار ڀاڳت ۽ پ پ سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراه جي ڪوآرڊينيٽر دانيال ابڙو ٽنڊو محمد خان پهچي سوشل ميڍيا ٽيم کي منظم ڪرڻ لاء ضلعي سطح تي پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي ڪنوينشن جي صدارت ڪئي،

جنهن ۾ پيپلزپارٽي ضلع جنرل سيڪريٽري خرم ڪريم سومروپ پ پ ضلعي انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر مير حسن ملاح، يوٿ ضلعي صدر سيد صلال شاه بخاري، يوٿ ضلعي جنرل سيڪريٽري رازق خان يوسف زئي، پ پ پ ضلعي نائب صدر پير عاقب جان سرهندي , پ پ پ ضلعي نائب صدر سيد ڪشف شاھ, پ پ پ سٽي جنرل سيڪريٽري محمد جمن ڪيھر، پ پ پ سٽي انفارميشن سيڪريٽري محمد جمن ڪيھر، ماما نصرﷲ ميمڻ،  گزار ڀٽي، پپن ڀٽي، اختر حسين ميمڻ، امداد لاشاري، نظير جلالاڻي، حارث صبحپوٽو، ڊاڪٽر ڄام زئور ۽ پيپلز پارٽي جي ورڪرن ۽ عهديدارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئ, 

ڪنوينشن ۾ بيبي آصفه ڀٽو پاران پارٽي ۽ پارٽي جي ذيلي شاخن جي سرگرمين کي سوشل ميڍيا ذريعي بهتر نموني ڪوريج ڏيارڻ سميت پ پ پ خلاف سوشل ميڍيا مهم جو ڀرپور نموني مقابلو ڪرڻ ۽ پارٽي پاليسين کي عوام تائين پهچائڻ لاء مختلف ايجنڊائن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي ۽ سوشل ميڍيا ٽيم سنڌ جي اڳواڻن واضع ڪيو ته ضلعي سطح تي سوشل ميڍيا گروپ کي وڌيڪ منظم ڪيو وڃي،

جنهن لاء نوجوانن کي تعلقي سطح تي نمائندگي ڏيئي ذميواريون سونپيون وڃنان موقعي تي خطاب ڪندي سوشل ميڍيا ٽيم جي ميمبرن تيمور مهر، شهريار ڀاڳت، دانيال ابڙو، پ پ ٽنڊو محمد خان جي ضلعي جنرل سيڪريٽري خرم ڪريم سومرو، پ پ پ ضلعي انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر مير حسن ملاح ۽ پيپلز يوٿ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان جي صدر سيد سلال حسين شاه بخاري چيو ته اڄ جي زماني ۾ سوشل ميڍيا پارٽي پاليسين کي عوامي سطح تائين واضع نموني پيش ڪرڻ لاء اهم ذريعو آهي،

انڪري سوشل ميڍيا ٽيم کي ضلعي سطح تي سرگرم رکيو ويندو ۽ پارٽي جي هر پاليسي تنظيمي فيصلن سميت هر معاملي تي فوري طور تي سوشل ميڍيا ذريعي آگاهي واري عمل کي يقيني بڻايو ويندو,