سڪرنڊ جي سمس اسڪول مجيد ڪيريو ۾ سماجي تنظيم پاران مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

news

سڪرنڊ: آچر 29 سيپٽمبر 2019ع سمس اسڪول مجيد ڪيريو ۾ هر سال جيان هن سال به امداد فائونڊيشن پاران تعلقي سڪرنڊ ۾ تعليم جي حوالي سان بهترين خدمتون سر انجام ڏيندڙ شخصيتن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا ان سلسلي ۾ هڪ خوبصورت تقريب سمس اسڪول جي آڳنڌ تي رکي وئي جنهن ۾ سماج جي هاڪاري ۽ متحرڪ ڪردارن کي گهرايو ويو هو۔

ان موقعي تي فائونڊيشن جي چيئرمين پروفيسر انعام ڀٽي چيو ته هن پروگرام رکڻ جو مقصد هڪ ته استاد ۾ اتساھ پيدا ڪرڻ آهي ٻيو ته سيد امداد محمد شاھ جنهن پنهنجي زندگي تعليم جي واڌ ۽ ويجھ لاءِ گذاري ان جي مشن کي پڻ هٿي ڏيڻي آهي۔

سيد ڊاڪٽر ضياء شاھ چيو ته سمس اسڪول پاران ايوارڊ تقريب جو هر سال سلسلو جاري رکڻ سندن سچائي ثابت ڪري ٿي ۽ سچائيءَ تي قائم رهڻ اسان مرحوم بابا سائين امداد شاھ مان سکيو آهي نامياري ڪهاڻيڪار محمد صديق منگيو چيو ته سيد امداد شاھ هڪ فرد نه پر ادارو هو سندس خوبي ادارن جي مالڪي ڪرڻ هو.

ھن چيو ته اڄ جن استادن کي ايوارڊ ملي رهيا آهن سا سندن محنت آهي سائين امداد شاھ گهڻ پاسائي شخصيت هو سينئر صحافي عبدالتواب شيخ چيو ته هي پروگرام ڏسي محسوس ٿي رهيو آهي ته امداد شاھ جو اولاد سندس ٻاريل لاٽ کي جاري رکندو اچي پر امداد شاھ ٿيڻ لاءِ اڃا کپي ٿو ان لاءِ سندس فرزند سيد زين شاھ کي وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي.

سي ڊي ايف جي چيئرمين عبدالحميد آرائين چيو ته سمس جي انتظاميه هر سال تعليمي ايوارڊ پروگرام ڪري تعليمي چٽا ڀيٽي پيدا ڪئي آهي ان کان اڳ سمس اسڪول جي مينيجنگ ڊاريڪٽر ميڊم تبسم راشد کوسو آيل مهمانن کي ڀليڪار جا لفظ چئي پروگرام جي افاديت تي روشني وڌي پروگرام دوران اسڪول جي ٻارڙن انتهائي شاندار ٽيبلوز پيش ڪري داد وصول ڪيو.

آخر ۾ آيل مها شخصيتن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا جن ۾ آپا ممتاز انصاري ، محمد عيسيٰ مغيري ، غلام حيدر چانڊيو ، غلام حسين جوڻو ، مس ريحانه شاھ ، مس شبانه شاھ ، مس عروبه خان ، مس شھنيلا انصاري ، مس بشيران ڪيريو ، مس صنم بلوچ ، مس رمشا ڪيريو ، مس شاهين ڪيريو ، مس ردا ۽ مس فائزه ڪيريو شامل آهن